مواد ڏانھن هلو

ابن فقيھہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ مشهور سياح ٿي گذريو آهي. هن جو تعلق عربستان سان هو. هن جو اصل نالو ابوبڪر احمد بن محمد همداني هو. سياحت ۾ ’ابن فقيهه‘ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ڪيترائي ملڪ گهمي ڏٺائين. کيس ٽين صدي هجريءَ جو مشهور جاگرافيدان ۽ خط نويس به مڃيو وڃي ٿو. ڪيترن ملڪن جي جاگرافيءَ جي وٽس ڄاڻ هئي. هن جا لکيل ٻه ڪتاب دريافت ٿيا آهن. جن ۾: ’ڪتاب البلدان‘ ۽ ’ذڪر شعراءِ المحدثين‘ شامل آهن. هنن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ هند ملڪن جي دريائن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. جن بابت ڪافي ڄاڻ ڏني وئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]