مواد ڏانھن هلو

عبدالقادر جيلاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالقادر جيلاني

مغل سلطنت ت. 1680 ۾ ٺھيل خيالي تصوير
ذاتي معلومات
پيدائش 1077ع يا 1078ع (470 ھجري سال)
وفات 1166ع (11 ربيع الثاني 561 ھجري سال)
آخري آرامگاھہ بغداد، عراق
مذھب سني اسلام
اولاد عبدالرزاق جيلاني
فرقو سني
مذھبي قانون حنبلي
دلچسپي فقہ، تصوف
طريقت قادري سلسلو (باني)
نمايان استاد

عبدالقادر جيلاني (انگريزي: Abdul Qader Jilani) جنهن کي محي الدين، شيخ عبدالقادر جيلاني جي نالي سان پڻ سڏين ٿا، هڪ سُني حنبلي طريقي جو صوفي ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني آھي.[1] ھي 1077ع يا 1078ع ڌاري ايران جي صوبي گيلان جي شھر رضوانشھر جي نائف ۾ پيدا ٿيو.[2][3]

شروعاتي زندگي

عبدالقادر جيلاني سن 1077ع (29 شعبان 470 ھجری) تي موجود ايران جي صوبي گيلان جي ضلعي گيلان غرب جي شھر نائف ۾ پيدا ٿيو. [4][5] ھن جي پيدائش جي تاريخ تي ماھر متفق ناھن پر ڪجهہ ماخذن مطابق سال 1077ع يا 1078ع ۾ پيدا ٿيو.[6] ھن جي ڄم جو نالو سيد عبدالقادر ھيو. گيلان صوبي سان تعلق ھجڻ ڪري کيس گيلاني چوندا آهن. عربي ٻولي ۾ گيلان کي جيلان سڏيو ويندو آهي، تنھن ڪري کيس جيلاني پڻ سڏين ٿا.[7][8] گھڻي مقبوليت باوجود ھن جي ذاتي پسمنظر بابت ٺوس ڄاڻ ميسر ناھي، ھن جي والد (يا ڏاڏي) جو نالو جنگي دست آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھي ايراني نسل جو ماڻھو ھو.[1][9] دين تي ڪم ڪرڻ جي ڪري ھن کي "محي الدين" جو لقب ڏنو ويو.[10] عراق جي شھر بغداد ۾ مزار ھجڻ جي ڪري ھن کي بغدادي پڻ سڏيو ويندو آھي.[11][12][13] ھي سيد گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھو، ھن جو والدين جي پاسي کان شجرو حسن ۽ حسين سان ملڻ جي ڪري کيس الحسني والحسيني پڻ سڏيندا آهن.[14][15][16][17][18] ڏکڻ ايشيا جا ماڻھو ھن کي پيران پير ۽ دستگير سڏيندا آهن، ھن کي غوثِ الاعظم جي لقب سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.[19][20]


ھن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ 1095ع ۾ ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھي حنبلي فقہ سکڻ لاء بغداد روانو ٿيو.[21]جتي صوفي استادن جي تعليم کان متاثر ٿيو.[4] بغداد ۾ ابو سعيد مبارڪ مخزومي ۽ ابن عقيل سندس استاد ھئا.[22] ابو محمد جعفر السراج کيس حديث جو علم سيکاريو. سندس روحاني استاد ابوالخير حماد ابن مسلم الداباس ھيو. [23]

عبادت ۽ خدمتون

ذھد ۾ دنيا تياڳ ڪري کوڙ سال عراق جي رڻپٽ ۾ اڪيلائي ۾ گذاريائين ۽ پوءِ بغداد موٽي اچي عالم ۽ مشھور مبلغ بڻيو ۽ مريدن جو ھڪ وڏو تعداد ھن جي عقيدتمندن ۾ شامل ٿيو جن ۾ کوڙ عيسائي ۽ يھودي پڻ شامل ھيا جيڪي مسلمان ٿي ويا.[4] ھن تعليم پوري ڪري 25 سال عراق جي بيابان ۾ عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريا.[24] سال 1127ع ۾ واپس بغداد موٽي تبليغ شروع ڪيائين.[3] پنھنجي استاد المخزومي جي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ شاگردن ۾ ھردلعزيز ٿي ويا. صبح جي وقت حديث ۽ تفسير پڙهائيندو ھو ۽ منجھند بعد اندر اجارڻ ۽ قرآن جي فضائلن تي درس ڏيندو ھو.[3] ھن جي نمايان ڪمن ۾ قادريہ مدرسي جو بنياد وجھڻ ھو، جيڪو اڳتي ھلي ديني تعليم جو مرڪز بڻيو، ھن جي مصروفيت جو مرڪز ھن جو مدرسو ھو جتي ھي دين جو علم سيکاريندو هو ۽ بطور مفتي پڻ ڪم ڪندو هو. ھن پنھنجي خطبن ۾ غريبن ۽ محتاجن جي مدد جي تلقين ڪئي ۽ اسلامي فقھي تقاضائن کي روحانيت جي مطابقت ۾ آڻڻ جو درس ڏنو.[4]

وفات

سندس بغداد ۾ مزار ۽ مسجد جي 1925 ۾ نڪتل تصوير

ھي 1166ع ۾ 91 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس بغداد ۾ باب الشيخ رصافا لڳ دجلہ جي ڪناري سندس مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪو اڳتي ھلي ھڪ پاڪ زيارت گاھ بڻجي ويو.[4] صفوي گھراڻي جي بادشاھ شاھ اسماعيل پھرين جي دؤر ۾ ھن جي مزار ڊاٿي وئي.[25] سال 1535ع ۾ سلطان سليمان اعظم ھن جي مزار ٻيھر ٺھرائي جيڪا اڄ تائين پڻ موجود آهي.[26]

عرس

ھن جو عرس يا ورسي 11 ربيع الثاني تي ملھائي ويندي آهي جنھن کي ڏکڻ ايشيا ۾ سندس عقيدتمند يارنهين شريف سڏي ملھائيندا آهن.[27]

قادري سلسلو

سندس وفات بعد ھن جي مريدن سندس معجزن جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون پکيڙيون جنھن سبب ھن جي وفات کان پوء ھڪ صدي اندر ھي اسلامي دنيا جي ھڪ تمام وڏي صوفي طور سڃاڻجڻ لڳو[4] ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني ٿي ويو جنھن جون شاخون وچ اوڀر، آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ انڊونيشيا تائين ڦهليل آھن.[4]

حوالا

  1. 1.0 1.1 Chabbi 2009.
  2. W. Braune, Abd al-Kadir al-Djilani, The Encyclopaedia of Islam, Vol. I, ed. H.A.R Gibb, J.H.Kramers, E. Levi-Provencal, J. Schacht, (Brill, 1986), 69; "authorities are unanimous in stating that he was a Persian from Nayf (Nif) in Djilan, south of the Caspian Sea."
  3. 3.0 3.1 3.2 'Abd al-Qadir al-Jilani تي انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages #54 ,
  5. Britannica|693|'Abd al-Qadir al -Jilani
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named جوئان
  7. Encyclopaedia of religion and ethics: volume 1. (A – Art). Part 1. (A – Algonquins) pg 10. Hastings, James and Selbie, John A. Adamant Media corporation. (2001), "and he was probably of Persian origin."
  8. The Sufi orders in Islam, 2nd edition, pg 32. Triingham, J. Spencer and Voll, John O. Oxford University Press US, (1998), "The Hanafi Qadirriya is also included since 'Abd al-Qadir, of Persian origin was contemporary of the other two."
  9. Lawrence 1982132–133.
  10. Mihr-e-munīr: biography of Hadrat Syed Pīr Meher Alī Shāh pg 21, Muhammad Fādil Khān, Faid Ahmad. Sajjadah Nashinan of Golra Sharif, Islamabad (1998).
  11. Devotional Islam and politics in British India: Ahmad Riza Khan Barelwi and his movement, 1870–1920, pg 144, Sanyal, Usha Oxford University Press US, 19 August 1999. ISBN 0-19-564862-5 ISBN 978-0-19-564862-1.
  12. Cultural and religious heritage of India: Islam pg 321. Sharma, Suresh K. (2004)
  13. Indo-iranica pg 7. The Iran Society, Calcutta, India. (1985).
  14. Historical and political who's who of Afghanistan. p 177. Adamec, Ludwig W. (1975)
  15. Qādrī, Muḥammad Riyāz̤ (2000-01-01) (en ۾). The Sultan of the Saints: Mystical Life and Teaching of Shaikh Syed Abdul Qadir Jilani. Abbasi Pablications. p. 19. ISBN 9789698510169. https://books.google.com/books?id=VezXAAAAMAAJ. 
  16. "Sulook organisation website." (PDF). وقت 2011-07-28 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-02-19.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. Mihr-e-munīr: biography of Hadrat Syed Pīr Meher Alī Shāh pg 27, Khān, Muhammad Fādil and Ahmad, Faid. Sajjadah Nashinan of Golra Sharif, Islamabad. (1997)
  18. Encyclopaedia of Sufism, volume 1, Kahn, Masood Ali and Ram, S.
  19. Devotional Islam and politics in British India: [احمد رضا خان] بريلوي and his movement, 1870–1920, pg 144, Sanyal, Usha Oxford University Press US, 19 August 1999. ISBN 0-19-564862-5 ISBN 978-0-19-564862-1.
  20. Indo-iranica pg 7. The Iran Society, Calcutta, India. (1985).
  21. Campo, Juan Eduardo (2009-01-01) (en ۾). Encyclopedia of Islam. Infobase Publishing. p. 4. ISBN 9781438126968. https://books.google.com/?id=OZbyz_Hr-eIC&printsec=frontcover&dq=isbn:1438126964#v=onepage&q&f=false. 
  22. Gibb, H.A.R.; Kramers, J.H.; Levi-Provencal, E.; Schacht, J. (1986) [1st. pub. 1960]. Encyclopaedia of Islam (New Edition). Volume I (A-B). Leiden, Netherlands: Brill. p. 69. ISBN 978-9004081147. 
  23. Malise Ruthven, Islam in the World, p 243. ISBN 0195305035
  24. Esposito J. L. The Oxford dictionary of Islam. p160. ISBN 0199757267
  25. A.A. Duri, Baghdad, The Encyclopaedia of Islam, Vol. I, 903.
  26. W. Braune, Abd al-Kadir al-Djilani, The Encyclopaedia of Islam, Vol. I, 70.
  27. "Ghousia".